آصف قاضي

آصف قاضي

آصف قاضي

آصف قاضي: مشهور صحافي، ڪالم نگار ۽ پبلشر، قاضي آصف جو پورو نالو آصف علي ولد رجب علي جوڻيجو آهي. هن 04 جنوري 1965ع تي ڳوٺ کاهي مينهين، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. قاضي آصف پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي ۽ مئٽرڪ 1980ع ۾ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان ڪيائين، هن انٽر 1982ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ کان پوءِ
بي. اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم . اي سياسيات ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي.
قاضي آصف 1983ع ۾ سنڌ رورل ڪو آپريٽو آرگنائيزيشن ۾ ضلعي سطح تي ڪم ڪيو. 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترن ئي پروگرامن جو ميزبان رهيو. 1984ع ۾ هن ٽرٿ ايڪسپينڊيئرس فورم ڏوڪري ۽ ڏاهپ پبليڪيشن ڏوڪريءَ جو بنياد وڌو ۽ مختلف ڪتاب ڇپرايائين. قاضي آصف بوسٽن يونيورسٽي آمريڪا طرفان ”سنڌ جي زرعي جوڙ جڪ“ تي تحقيقي ڪم ۾ حصو ورتو. 1988ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي هن 1989ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ اردو اخبارجنگ“ ڪراچيءَ جو نمائندو مقرر ٿيو، جتي چار سال ڪم ڪيائين، جنهن دوران 1992ع ۾ ”جنگ“ مئگزين جي ”انٽرويو پينل“ ۾ به شامل رهيو. جنهن اڳوڻي ڀارتي وزير اعظم وي. پي سنگهه، اڳوڻي بنگلاديشي وزير اعظم شيخ حسينا واجد، اڳوڻي نيپالي وزير اعظم من موهن اڌيڪاريءَ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو سميت ٻين نامور شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. 1992ع ۾ قاضي آصف پي. ٽي. وي ڪراچيءَ جا ڪيترائي ڊاڪيومينٽري پروگرام به ٺاهيا. جڏهن ته هن سماج سڌارڪ تحريڪ ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ ۾ به ڪم ڪيو. هن ”جنگاخبار بعد ”ڊان“ گروپ ڪراچيءَ جي روزاني ”اسٽار“ ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪيو. 1995ع ۾ ”فرنٽيئر پوسٽ“ جي بيورو چيف طور لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪيائين، جنهن بعد 1996ع کان وٺي 1999ع تائين روزاني ”عوامي آواز“ جو اسٽاف رپورٽر ۽ 1999ع کان 2002ع تائين روزنامه ”ايڪسپريس“ ڪراچيءَ جو اسٽاف رپورٽر رهيو ۽ هن وقت ”پاڪستان ٽو ڊي“ جو اسٽاف رپورٽر آهي. قاضي آصف سنڌيءَ کانسواءِ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”اڄ جي سنڌ“
(ترتيب - 1984ع) ”ٻارڙن جون ڪهاڻيون“ ( 1987ع) ۽ ”ڀٽو ڦر مارا گيا“
(اردو: ترتيب - 1996ع ) قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.01.04  عيسوي

آصف قاضي: مشهور صحافي ، ڪالم نگار ۽ پبلشر ، قاضي آصف جو پورو نالو آصف علي ولد رجب علي جوڻيجو آهي . هن 04 جنوري 1965ع تي ڳوٺ کاهي مينهين ، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غلام حيدر شاهه1
سيد فدا حسين شاهه
شورو ڄام خان
ڀائي تيغ بهادر
آسو ٻائي
راجا رام موهن راءِ
ريحانه لغاري
بيرنگ فقير
اختر هالائي
برڪت علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون